تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ قدمن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ قدمن جو مطالبو ڪيو  آهي. پاڪستان آيل آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستان جي معاشي ٽيم وچ  ۾ پهرين ڏينهن جي ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم  ايف  عملدارن ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت، توانائي ۽ ايف بي آر عملدارن شرڪت  ڪئي، توانائي واري وزير آءِ ايم ايف عملدارن کي بريفنگ ڏني. آءِ  ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ وڌيڪ قدمن کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عالمي مالياتي فنڊ بجلي ۽ گيس چوري ختم ڪرڻ لاءِ پختا قدم کڻڻ جي گهر ڪئي، آءِ ايم ايف حڪومتي ڊسڪوز جي انتظاميا خانگي شعبي کي ڏيڻ جو ٽائيم فريم به گهري ورتو آهي. آءِ ايم ايف وڌيڪ نقصان وارن علائقن ۾ بجلي بلن جي وصولي آئوٽ سورس ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، عالمي مالياتي فنڊن ڪيپٽو پاور پلانٽن کي مقامي گيس فراهمي بند ڪرڻ جو به مطالبو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف حڪومتي شعبي جي چئن پلانٽن کي پوري صلاحيت سان هلائڻ جو مطالبو ڪيو. ايف بي آر ذريعن موجب ڳالهين ۾ ٽيڪس وصوليون وڌائڻ لاءِ عملي بدران ٽيڪنالاجي  جو استعمال وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، آءِ ايم ايف کي زراعت، دڪانن ۽ ريئل اسٽيٽ کان مڪمل ٽيڪس وصولي جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. ايف بي آر هلندڙ مالي سال ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ريئل اسٽيٽ ۽ ريٽلرز کان ٽيڪس وصولي جي خاطري پڻ ڪرائي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون