آءِ ايم ايف قرضن تي وياج پاڪستاني معيشت تي وڏو بار قرار ڏيندي پاڪستان کان خرچن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آهي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ نئين قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون جاري آهن.
عالمي مالياتي فنڊ، قرض تي ڳري وياج جي ادائيگي کي معيشت تي وڏو بار قرار ڏنو آهي.
ذريڳن موجب آءِ ايم ايف کي ٻڌاي ويو ته پاڪستان قرضن تي وياج جي ادائيگي وفاقي خالص آمدنيءَ کان وڌي وئي آهي، اها وياج جي ادائيگي وفاقي حڪومت جي خالص آمدنيءَ کان 205 ارب رپيا وڌيڪ رهي.
آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته رڳو پهرين نون مهينن دوران اندروني ۽ ٻاهرين قرضن تي 5 هزار 518 ارب رپيا وياج ادا ڪيو، جولاءِ کان مارچ تائين وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 5 هزار 313 ارب رهي.
آءِ ايم ايف پاڪستان کان خرچن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪندي چيو ته ايندڙ مالي سال قرضن تي وياج 9 هزار 787 ارب رپين تائين وڃن جو خدشو آهي.
ذريعن موجب ڳالهين ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال قرضن تي وياج جي ادائيگي 8 هزار 371 ارب رپين تائين وڃي سگهي ٿي.
آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته هن سال بجيٽ ۾ قرض تي وياج جي ادائيگيءَ جو حدف 7 هزار 303 ارب رپيا رکيو ويو هو.
آءِ ايم ايف انتهائي بلند ٻاهرين ضرورتن کي وڏي وياج جي شرح جي قرضن جي جٽاداريءَ لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو.
ڳالهين دوران ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال قرضن جي شرح هڪ ڏهائي 172 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 70 سيڪڙو تي اچي ويندي..