آءِ ايم ايف گئس جي اگهن ۾ 45 سيڪڙو اضافي جو مطالبو ڪندي اضافي بابت ڪنهن به قسم جي رعايت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
عالمي مالياتي فنڊ طرفان نگران حڪومت کان ڊو مور جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
آءِ ايم ايف گئس جي اگهن ۾ 45 سيڪڙو اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف گيس جو اگهه وڌائي 435 ارب رپيا جمع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف گئس جي اگهن ۾ اضافي بابت ڪنهن به قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
ذريعن موجب، حڪومت گيس جي ننڍن واهپيدارن کي اضافي کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جڏهن ته حڪومت آءِ ايم ايف کي ننڍن واهپيدارن لاءِ گيس مهانگي نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت گيس جي 64 سيڪڙو واهپيدارن کي بچائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ لڳي.
ذريعن موجب، پهرين آڪٽوبر کان گيس جا اگهه 45 سيڪڙو تائين وڌائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن جڏهن ته گيس جي اگهن ۾ اضافو پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گيس واهپيدار آڪٽوبر کان ڊسمبر جي بلن ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر جا بقايا ڪليئر ڪندا، گيس جي اگهن ۾ اضافو وڏن گهريلو واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندو.
ذريعن موجب، ڪمرشل واهپيدارن، تندور ۽ هوٽلن لاءِ به گئس جي اگهن ۾ اضافي جو امڪان آهي جڏهن ته صنعتي واهپيدارن ۽ سي اين لاءِ گئس جي اگهن ۾ اضافي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀاڻ جي ڪارخانيدارن ۽ اسٽيل انڊسٽري لاءِ به گئس مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي