- Advertisement -
آءِ جي سنڌ رفعت مختار سنڌ پوليس ۾ نوَن ڀرتي ٿيل انسپيڪٽرز ليگل، انيوسٽيگيشن جي بنيادي ذميواري، ترقي ۽ مقررين ۽ بدلين بابت سفارشون تيار ڪرڻ جي حوالي سان پنج رڪني ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ پوليس ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ اي آءِ جي ڪراچي، ويلفيئر اينڊ ورڪس، ڊي آءِ جيز، زونل هيڊ ڪوارٽرز ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ سنڌ پوليس ۾ نوَ ڀرتي ٿيل انسپيڪٽرز ليگل، انويسٽيگيشن سميت جاچ آفيسرن جي ڪيريئر پلاننگ ۽ اڳوڻن فوجي پوليس آفيسرن سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ جي سنڌ رفعت پوليس ۾ نوَن ڀرتي ٿيل انسپيڪٽرز ليگل، انيوسٽيگيشن جي بنيادي ذميواري، ترقي ۽ مقررين ۽ بدلين بابت سفارشون تيار ڪرڻ جي حوالي سان پنج رڪني ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.
ڪميٽي ۾ ٽي سينيئر ڊي آءِ جيز، ٻه ايس ايس پيز ۽ هڪ ايس پي شامل هوندو.
آءِ جي سنڌ چيو ته انسپيڪٽر ليگل ۽ انويسٽيگيشن جي سنڌ پوليس ۾ شامل ٿيڻ سان غير معمولي ۽ مثبت تبديلي ايندي- Advertisement -
