تازه ترين

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي امن امان بابت رپورٽ پيش

وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان اسٽريٽ ڪرائيم تي وڌيڪ ضابطو آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ  وڌيڪ اثرائتا قدم کنيا وڃن، ان تي کيس مڪمل ڪنٽرول گهرجي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي امن امان بابت رپورٽ پيش ڪئي.

رپورٽ ۾ آءِ جي سنڌ دعويٰ ڪئي ته اسٽريٽ ڪرائيم تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي چڪو آهي، وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

غلام نبي ميمڻ چيو ته جنوري ۾ روزانو اسٽريٽ ڪرائيم جا 254 ڪيس داخل ٿيا، فيبروري ۾ 252 ۽ مارچ ۾ 245 ڪيس روزانو رجسٽر ٿيا، اپريل ۾ اهو انگ 170 تائين اچي ويو آهي.

وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيس وڌيڪ گهٽائڻ جي هدايت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته اسٽريٽ ڪرائيم تي مڪمل ڪنٽرول گهرجي.

وڏي وزير آءِ جي سنڌ کان چوريءَ جو سامان  وٺندڙ ڪٻاڙين خلاف تفصيل گهري ورتا.

آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ ٽي هزار ڪٻاڙي ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان 354 چوري جي سامان واري ڪاروبار ۾ ملوث آهن، پوليس جون 32 ٽيمون جوڙيون آهن، جيڪي چوريءَ جو سامان خريد ڪندڙ ڪٻاڙين خلاف ڪم ڪن پيون.

غلام نبي ميمڻ چيو ته چوري جو سامان خريد ڪندڙ ڪٻاڙين خلاف 77 ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪيون ويون آهن، ڪيترين ئي ڪٻاڙين کان چوريءَ جو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي.

سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ کي گاڏين جي چوري روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
1.4kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
25 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون