آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر رفعت مختار ايس آءِ يو ٽي جو دورو ڪيو آهي.
آءِ جي سنڌ جي اسپتال آمد تي ڊاڪٽر اديب رضوي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ گڙدن، ڦڦڙن، جيري ۽ ڪينسر جي علاج سميت ڊائلاسز جي مفت فراهمي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
ڊاڪٽر اديب رضوي ٻڌايو ته ايس آءِ يو ٽي ۾ لڳ ڀڳ 16 سئو مريضن جي روزانو ڊائلاسز مفت ٿيندي آهي.
آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر رفعت مختار، ڊاڪٽر اديب رضوي کي صحت جي شعبي ۾ بنا فرق جي خدمت تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اوهان پاڻ کي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، بيماري، مصيبت ۽ غربت ۾ وڪوڙيل انسانن جي خدمت هڪ عظيم اجر آهي.
ان موقعي تي پوليس جا سينيئر آفيسر به آءِ جي سنڌ سان گڏ هئا.
آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر رفعت مختار سان ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين ملاقات ڪئي آهي.
آءِ جي سنڌ جي آفيس ۾ ٿيل ملاقات ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي عمل کي پيش ايندڙ سڪيورٽي مسئلن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته فرض جي ادائگي دوران اٿارٽي جي عملي کي سنگين خطرا هوندا آهن، سنڌ فوڊ اٿارٽي جي آفيس کي به سڪيورٽي جي ضرورت آهي، پوليس اٿارٽي جي عملي کي سڪيورٽي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت به فراهم ڪري.
آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر رفعت مختار جو چوڻ آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جي عملي کي سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، اٿارٽي جي آفيس کي به سڪيورٽي فراهم ڪندا.