تازه ترين

آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جڙانوالا جو دورو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جڙانوالا سانحي جي متاثر مسيحي خاندانن لاءِ دانش اسڪول ۾ قائم ڪيل حفاظتي ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ متاثرن ۾ ضروري شيون ۽ تحفا ورهايا.

ڊاڪٽر عثمان انور, آر پي او فيصل آباد عابد خان، ڊي آءِ جي احسن يونس، سي پي او عثمان اڪرم گوندل، ايس ايس پي محمد افضل، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ پوليس آفيسرن گڏ متاثر مسيحي علائقن جو دورو ڪيو.

آءِ جي پنجاب دوري دوران جڙانوالا امن امان جي مجموعي صورتحال، سڪيورٽي انتظامن، متاثر چرچن ۽ عيسائي آبادي جي رهائشگاهن جو جائزو ورتو.

ان سان گڏ ڊاڪٽر عثمان انور مسيحي برادري جي نمائندن ۽ شهرين سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ کين پنجاب پوليس طرفان مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

ڊاڪٽر عثمان انور ڳالهائيندي چيو ته پنجاب حڪومت متاثر گرجا گهرن ۽ رهائشين جي بحاليءَ جو ڪم فوري طور تي شروع ڪري رهي آهي، پنجاب پوليس عيسائي برادري جي ٻارن کي پوليس ويلفيئر اسڪولن ۾ مفت تعليم ۽ سهولتون فراهم ڪندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
34 %
1.4kmh
22 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
28 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون