تازه ترين

آءِ سي سي، ٽي ٽوئنٽي فارميٽ لاءِ رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل آءِ سي سي، ٽي ٽوئنٽي فارميٽ لاءِ رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

نيئن رينڪنگ ۾ پاڪستان مان محمد رضوان ۽ بابر اعظم ٽاپ فائيو ۾ شامل آهن، جڏهن ته باقي ڪوبه بالر ٽاپ ٽين ۾ جڳهه والاري نه سگهيو آهي.

آءِ سي سي جي نئين رينڪنگ ۾ ڪابه نمايان تبديلي نه ڪئي وئي آهي، ڀارتي رانديگرن سوريا ڪمار ياديو جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي فل سالٽ جي ٻئي ۽ محمد رضوان جي ٽئين پوزيشن برقرار آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان  بابر اعظم جو رينڪنگ ۾ چوٿون نمبر آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو ڪپتان جوش بلٽر هڪ درجو ترقي ماڻي ستين نمبر تي اچي ويو آهي.

بالرن جي لسٽ ۾ انگلينڊ جو عادل رشيد ٽاپ تي آهي، پاڪستان جو ڪوبه بالر ٽاپ ٽين ۾ جاءِ ٺاهي نه سگهيو آهي، شاهين شاهه آفريدي صرف 3 درجا ترقي ماڻي 12 نمبر تي اچي ويو آهي.

ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊر ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن سڀني رانديگرن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، سندس نالو پهرين نمبر آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون