- Advertisement -
آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ۾ اڄ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون اڄ ڪولمبو جي پريما داسا اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
ميچ جي تياري لاءِ پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽريننگ ڇنڇر تي رٿيل هئي پر برسات سبب اهو پريڪٽس سيشن ملتوي ڪيو ويو ۽ ٽيم انڊور سيشن ۾ پريڪٽس ڪئي، رانديگرياڻين نيٽس تي بيٽنگ ۽ بالنگ جون مشقون ڪيون.
هيڊ ڪوچ محمد وسيم ۽ ٻين ڪوچ جي نگراني ۾ وومين ڪرڪيٽرز فزيڪل ٽريننگ ۾ به حصو ورتو.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اڄ ٿيندڙ ميچ برسات سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جيڪا وقفي وقفي سان جاري رهندي……….- Advertisement -
