تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي 2025 تي  پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ برقرار

- Advertisement -
آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي 2025 تي  پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي،  ڀارت جي پاڪستان نه چاڻ بابت وفاقي حڪومت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪيو آهي ته بورڊ کي ڀارتي ٽيم جي انڪار جي صورت ۾ ڪنهن ٻي ٽيم کي دعوت ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي. وفاقي حڪومت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪري ڀارت بابت پاليسي گائيڊ لائن کان آگاهه ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي حڪومتي هدايتن موجب آءِ سي سي کي خط لکندي ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کان ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان چيمپئنز ٽرافي 2025 لاءِ پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪار جا سبب پڇا ڪندي. حڪومتي ذريعن موجب، ڪرڪيٽ بورڊ واضح ڪيو ته پاڪ ڀارت ٽاڪڙو پاڪستان کانسواءِ ممڪن ناهي، منافعو رڳو ڀارت سبب ناهي پر پاڪستان جي موجودگي سان آهي. حڪومت بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته ڀارت جيڪڏهن پاڪستان نه آيو ته اڳتي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم به ڪنهن آءِ سي سي ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ايونٽ ۾ ڀارت خلاف نه کيڏندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پي سي بي کي تجويز ڏني آهي ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ تيار ناهي ته ڪنهن  ٻي ٽيم کي دعوت ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي. حڪومت بورڊ کي پيغام ڏنو آهي ته پي سي بي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اختيارين کي اعتماد ۾ وٺي ٻين بورڊز سان به رابطو ڪري ۽ ڀارت جي انڪار جي صورت ۾ سريلنڪا يا ويسٽ انڊيز کي گهرائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
22 %
1.9kmh
89 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون