آءِ سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2024 جو سفر مڪمل ٿيڻ بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ خلاف پنهنجي آخري ميچ کيڏي رهي آهي جڏهن ته برسات سبب ميچ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي نگراني ۾ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ جي 36هين ميچ ۾ پاڪستان ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون آمريڪي رياست فلوريڊا جي سينٽرل برو وارڊ ريجنل پارڪ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم آمهون سامهون ٿينديون.
پاڪستاني وقت موجب ميچ شام ستين وڳي شروع ٿيندي.
2 ڏينهن اڳ آئرلينڊ ۽ آمريڪا وچ ۾ ميچ آمريڪي رياست فلوريڊا جي سينٽرل برووارڊ ريجنل پارڪ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيڻي هئي پر برسات سبب ميچ ملتوي ڪئي وئي.
ميچ ملتوي ٿيڻ تي ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو، آمريڪا کي هڪ پوائنٽ ملڻ بعد پاڪستان جو ورلڊ ڪپ ۾ سفر ختم ٿي ويو آهي، آئرلينڊ سان اڄوڪي ميچ سان پاڪستان جي پوزيشن تي ڪوبه فرق نه پوندو.
گروپ اي ۾ ڀارت ۽ آمريڪا جي ٽيمن سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو، پاڪستاني ٽيم پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي مرحلي ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي