تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ پي پيز تي سياست ٿي رهي آهي، پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ بلن ۾ رليف ڏنو: عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته آءِ پي پيز تي سياست ٿي رهي آهي، پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ بلن ۾ رليف ڏنو. اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته پنجاب حڪومت بجلي جا 2 سستا ترين پاور پلانٽ لڳايا هئا، وزيراعظم بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي خانگائڻ جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته ڊسڪوز کي خانگائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، فيصلو ڪيو ويو هو ته ڊسڪوز کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪيو ويندو، پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ رليف ڏنو ويو آهي، 50 ارب رپيا سبسڊي ڏني وئي، بجلي چوري روڪڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي. عطا تارڙ چيو ته بجلي جي بلن جي ادائيگي ۾ 10 ڏينهن واڌ ڪئي وئي آهي، آءِ پي پيز جي معاملي تي صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، سموري قوم چاهي ٿي ته بجلي  سستي ٿئي،  ڪجهه ماڻهو آءِ پي پيز جي معاملي کي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ چاهن ٿا. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاسڪو آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، فائلر ۽ نان فائلرن جا انگ اکر به جلد جاري ڪيا  ويندا، معاشي سڌارن جي ايجنڊا ترجيح آهي، فائلرز ۾ 50 لک ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي. هن چي ته ايف بي آر کي ڊجيٽائز ڪيو پيو وڃي، پي ڊبليو ڊي سال جا الائي ڪيترا ارب کائي وڃي ٿو، ان مافيا ۾ اڄ تائين ڪنهن به هٿ ناهي وڌو. ان موقعي تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جنهن سطح تي ڪم ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته ماڻهن کي رليف ملندو، ايم ڪيو ايم طرفان هو وزيراعظم جو ٿورائتو آهي. هن چيو ته هو حڪومت کي سٺن قدمن سان گڏ آهن، ان معاملي تي سياست ناهي ڪئي، آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪيا ته اهي پرڏيهه ۾ ڪنهن ڪورٽ ۾ وڃي سگهن ٿا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
23 %
1kmh
77 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون