تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

آءِ پي پيز تي سياست ٿي رهي آهي، پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ بلن ۾ رليف ڏنو: عطا تارڙ

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته آءِ پي پيز تي سياست ٿي رهي آهي، پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ بلن ۾ رليف ڏنو.

اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته پنجاب حڪومت بجلي جا 2 سستا ترين پاور پلانٽ لڳايا هئا، وزيراعظم بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي خانگائڻ جو اعلان ڪيو هو.

هن چيو ته ڊسڪوز کي خانگائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، فيصلو ڪيو ويو هو ته ڊسڪوز کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪيو ويندو، پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ رليف ڏنو ويو آهي، 50 ارب رپيا سبسڊي ڏني وئي، بجلي چوري روڪڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي.

عطا تارڙ چيو ته بجلي جي بلن جي ادائيگي ۾ 10 ڏينهن واڌ ڪئي وئي آهي، آءِ پي پيز جي معاملي تي صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، سموري قوم چاهي ٿي ته بجلي  سستي ٿئي،  ڪجهه ماڻهو آءِ پي پيز جي معاملي کي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ چاهن ٿا.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاسڪو آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، فائلر ۽ نان فائلرن جا انگ اکر به جلد جاري ڪيا  ويندا، معاشي سڌارن جي ايجنڊا ترجيح آهي، فائلرز ۾ 50 لک ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي.

هن چي ته ايف بي آر کي ڊجيٽائز ڪيو پيو وڃي، پي ڊبليو ڊي سال جا الائي ڪيترا ارب کائي وڃي ٿو، ان مافيا ۾ اڄ تائين ڪنهن به هٿ ناهي وڌو.

ان موقعي تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جنهن سطح تي ڪم ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته ماڻهن کي رليف ملندو، ايم ڪيو ايم طرفان هو وزيراعظم جو ٿورائتو آهي.

هن چيو ته هو حڪومت کي سٺن قدمن سان گڏ آهن، ان معاملي تي سياست ناهي ڪئي، آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪيا ته اهي پرڏيهه ۾ ڪنهن ڪورٽ ۾ وڃي سگهن ٿا

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
21 %
8.2kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
36 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون