- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت جي مخالفت ذاتي پسند ۽ نا پسند جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي، اڄ مخالفت ڪندڙ ماضيءَ ۾ وفاقي آئيني عدالت جي حمايت ڪري چڪا آهن.
ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني عدالت جو مئنڊيٽ کين عوام ڏنو آهي، مخالفت ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته 2007 ع کان هر اليڪشن ۾ عدالتي سڌارا پ پ جي منشور جو حصو آهن، پ پ جي 2013 ۽ 2024ع جي چونڊ منشور ۾ وفاقي آئيني عدالت جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ميثاق جمهوريت ۾ به وفاقي آئيني عدالت جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄوڪا ڪيترائي مخالف ماضي ۾ وفاقي آئيني عدالت جي حمايت ڪري چڪا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني عدالت لاءِ موجوده مخالفت ذاتي پسند، ناپسند ۽ موجوده سياسي حالتن جي بنياد تي آهي.
هن چيو ته آئيني عدالت بابت ٻن ڏهاڪن کان پ پ جو موقف هڪ ئي رهيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس قيادت ۾ هر چونڊ ۾ ڪامياب ٿيندڙ نمائندن کي عوام وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻ جو مئنڊيٽ ڏنو آهي جنهن ۾ سڀني جي برابر نمائندگي هجي.- Advertisement -
