آئيني عدالت جي مخالفت ذاتي پسند ۽ نا پسند جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي:بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت جي مخالفت ذاتي پسند ۽ نا پسند جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي، اڄ مخالفت ڪندڙ ماضيءَ ۾ وفاقي آئيني عدالت جي حمايت ڪري چڪا آهن. ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  آئيني عدالت جو مئنڊيٽ کين عوام ڏنو آهي، مخالفت ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته  2007 ع کان هر اليڪشن ۾ عدالتي سڌارا پ پ جي منشور جو حصو آهن، پ پ جي 2013 ۽ 2024ع جي چونڊ منشور ۾ وفاقي آئيني عدالت جو ذڪر ڪيو ويو آهي،  ميثاق جمهوريت ۾ به وفاقي آئيني عدالت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄوڪا ڪيترائي مخالف ماضي ۾ وفاقي آئيني عدالت جي حمايت ڪري چڪا آهن. بلاول ڀٽو  زرداري چيو ته آئيني عدالت لاءِ موجوده مخالفت ذاتي پسند، ناپسند ۽ موجوده سياسي حالتن جي بنياد تي  آهي. هن چيو ته آئيني عدالت بابت ٻن ڏهاڪن کان پ پ جو موقف هڪ ئي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس قيادت ۾ هر چونڊ ۾ ڪامياب ٿيندڙ نمائندن کي عوام وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻ جو مئنڊيٽ ڏنو آهي جنهن ۾ سڀني جي برابر نمائندگي هجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
31%
2.4m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون