تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ عوامي هنڌن، گرين بيلٽس، روڊن، گهٽين ۽ رستن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪراچي شهر جي ترقياتي ڪمن ۽ ٻين مسئلن بابت اهم اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته حددخليون هٽائڻ لاءِ هن 12 جولاءِ تي هدايتون ڏنيون هيون. هن چيو ته ڪجهه حددخليون هٽائڻ بعد ٻيهر قائم ڪيون ويون آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پوليس سميت شهر جا سمورا ادارا پنهنجي نگراني جو نظام بهتر ڪن. وڏي وزير چيو ته شهر مان حددخلين جو خاتمو ڪري عوامي هنڌن کي اصل شڪل ۾ آندو وڃي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا، ٽائون ۽ پوليس گڏجي حددخلين جو خاتمو ڪري شهر صاف سٿرو رکن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حددخليون هٽائڻ سان گڏوگڏ فوٽ پاٿن جي فوري طور مرمت شروع ڪئي وڃي. اجلاس ۾ طارق روڊ، لياقت آباد، ايم اي جناح روڊ ۽ ٻين اهم رستن تان حددخليون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صوبائي وزير سعيد غني جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي جيڪا اڄ ئي 10 کان 15 رستن جي سڃاڻپ ڪري اتان حددخليون هٽائڻ جو ڪم شروع ڪرائيندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته غيرقانوني پارڪنگ ختم ڪئي وڃي، ڪنهن به صورت ۾ غيرقانوني پارڪنگ برداشت نه ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ لائيٽس چوري يا خرا ٿي ويون آهن ته فوري طور اهي صحيح ڪري لڳايون وڃن، شهر جي روڊن جي جلد کان جلد مرمت ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33 %
4kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون