تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آئين مقدس ضرور آهي پر بهتري لاءِ ترميمون ضروري آهن : راڻا ثناءُ الله

- Advertisement -
وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آئين مقدس ضرور آهي پر بهتري لاءِ ترميمون ضروري آهن. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته آئين ۾ هن وقت تائين 26 ترميمون ڪيون ويون آهن، پارليامينٽ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڪنهن ڳالهه تي اتفاق ڪري ته ترميمون ڪري سگهجن ٿيون. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته سياسي عمل ڪڏهن به بند نه ٿيندو آهي، مختلف معاملن تي هميشه ڳالهيون جاري رهنديون آهن جيڪا ڳالهه جمهوريت جو حصو آهي. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ارڙهين ترميم سان مسلم ليگ ن کي ڪوبه مسئلو نه آهي، ارڙهين ترميم صوبن ۽ فيڊريشن وچ ۾ وسيلن جي ورهاست بابت آهي، ارڙهين ترميم ۾ صوبن ۽ مرڪز وٽ جيڪي وسيلا آهن انهن ۾ بيلنس ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته ارڙهين ترميم وسيلن جي ورهاست تي ڊگهي عرصي تائين ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، هن وقت جي حساب سان 18هين ترميم ۾ وسيلن جي ورهاست جو بئلنس طئي ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته هاڻي جيڪڏهن عملي طور تي فرق آيو آهي ته ان تي ڳالهيون ۽ غور ڪرڻ ۾ ته ڪو مسئلو نه آهي، اتفاق راءِ ٿي وڃي ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ترميم ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته دفاعي بجيٽ رڳو وفاق نه پر صوبن جي به ذميواري آهي، دفاع ۽ قرضن جي ادائگي کانپوءِ وفاق وٽ وسيلا محدود ٿي ويندا آهن. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته اهي سڀاڻي 27هين آئيني ترميم نه آڻي رهيا آهن، اهي شيون فوري طور تي نه ٿينديون آهن. سندس چوڻ هو ته جوڊيشري بابت تڪرار ٿيڻ واري ڪابه ڳالهه نه آهي، سموريون پارٽيون متفق آهن ته آئيني عدالت هئڻ گهرجي، آئيني عدالت بڻجڻ سان معاملا بهتر طريقي سان هلائي سگهجن ٿا. سندن چوڻ هو ته مخالف ڌر فضل الرحمان سان گڏجي تجويز ڏني آهي ته آئيني عدالت نه آئيني بينچ ٺاهي وڃي، آئيني بينچ تي اتفاق ٿي ويو ته پي ٽي آءِ ڀڄي وئي ۽ صحيح نه ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.4 ° C
17.4 °
17.4 °
49 %
1.2kmh
100 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون