آئين موجب اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌائي سگهجي ٿو گهٽائي نٿو سگهجي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌائي سگهجي ٿو، گهٽائڻ غير آئيني هوندو، آئين کان ڪير به مٿانهون ناهي، ڪي پي ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، هڪ شخص جي ڪري سموري صوبي کي مسئلن جي ور چاڙهيو ويو آهي، ڪچي ۾ پوليس کي ڪاميابيون مليون آهن، گهوٽڪي ۾ صورتحال بهتر ٿي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ اين جي وي اسڪول ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري ستن ڏينهن واري پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌائي سگهجي ٿو، گهٽائڻ غير آئيني هوندو، آئين ۾  لکيل آهي ته هر سال صوبن جو حصو وڌايو وڃي. هن چيو ته  آئين کان ڪير به مٿي ناهي، ڪي پي ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، هڪ شخص جي ڪري سموري صوبي کي مسئلن جي ور چاڙهيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، ڪچي ۾ پوليس کي ڪاميابيون مليون آهن، ڪجهه علائقن ۾ صورتحال بهتر ٿي آهي، ڌاڙيلن کان ڪليئر ڪرايل ڪچي جي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ڪشمور، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، شڪارپور ۾ به پوليس کي ڪاميابيون مليون آهن. سندس چوڻ هو ته 1980ع جي مارشل لا واري دور ۾ به ڪانواءِ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو پر الحمدالله هاڻي بهتري ٿي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي گورنر جي تبديلي جون ڳالهيون افواهن تي ٻڌل آهن، وفاقي سرڪار گورنر جي تبديلي بابت ساڻس ڪو به مشورو نه ڪيو آهي. هن چيو ته چار کان پنج گورنر تبديل ٿي چڪا آهن پر ساڻس ڪڏهن به مشورو نه ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گورنر جي تبديلي  وزيراعظم جو اختيار هوندو آهي. هن چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پوليو کان بچاءَ بابت مهم 22 ڊسمبر تائين جاري رهندو، والدين پنهنجي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مستقل معذوري کان بچائن. سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 63 ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته سنڌ ۾ 17 پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي صورتحال جي سنگيني ظاهر ڪري ٿي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ سال جي آخري پوليو مهم آهي، ڪوبه ٻار ويڪسين کان نه رهجي، مهم دوران پنجن ورهين کان گهٽ عمر جي هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. هن چيو ته 80هزار فرنٽ ورڪر گهر گهر وڃي ٻارن کي ڦڙا پياريندا، سڄي سنڌ ۾ پوليو ٽيمن جي حفاظت لاءِ 15 هزار سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، دنيا ۾ رڳو افغانستان ۽ پاڪستان مان پوليو جو مرض ختم نه ٿيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
35%
2.1m/s
13%
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
32 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون