مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته نئين آدمشماري موجب عام چونڊن واري وزيراعظم شهبازشريف جي بيان تي خدشا آهن، سندن مطالبو آهي ته عام چونڊون 60 ڏينهن اندر ٿين، ملير ۾ ڪو به ڳوٺ ڊاهيو نه ويندو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته حڪومت طرفان اتحادين کي گهرايو ويو آهي، عام چونڊن ۽ نگران سيٽ اپ بابت صلاح مشورا ٿيندا.
هن چيو ته پ پ جمهوريت تي يقين رکي ٿي، هو چاهن ٿا ته عام چونڊون 60 ڏينهن اندر ٿين.
ناصر شاهه چيو ته ملير ۾ ڪو به ڳوٺ ڊاهيو نه ويندو، سنڌ ۾ پگهارون وڌايون ته جيئن ملازمن جو ڀلو ٿئي، پنجاهه سيڪڙو ڪائونسلرن جا فنڊ وڌايا، ان سان مڪاني ادارا وڌي فعال ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر شاهه چيو ته پ پ جي ايم اين ايز يا ايم پي ايز تي ڪو الزام لڳو ته اهي گرفتار ٿيا، جيڪڏهن اسلامي طريقي سان کين ڪنهن معاف ڪري ڇڏيو ته هو ڇا ٿا ڪري سگهن؟.