تازه ترين

آدمشماري ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي معاوضو نه ڏيڻ خلاف پ ٽ الف جو احتجاج

ميرپور ماٿيلي ۾ پ ٽ الف جي اڳواڻن پاران آدمشماري ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي معاوضو توڙي تيل جو خرچ نه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

استاد ارشاد احمد ڪلوڙ، سليم نواز سميجي، ياسر حسين شاهه، محمد اڪرم نائچ ۽ ٻين اي سي آفيس ٻاھران احتجاج ڪندي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي پ ٽ الف جي اڳواڻن چيو ته آدمشماري ۾ ڊيوٽي ورتي وئي جنھن ۾   معاوضو  ناھي ڏنو ويو، جيڪا ساڻن ناانصافي آھي.

ھنن چيو ته ٽي مھينا ڊيوٽي ڪئي آھي ۽ بلاڪ ورھائي ڏنا ويا ھئا ھڪ بلاڪ جو به معاوضو ناھي مليو. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  جائز حق ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون