آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان جرمن آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، چيف جنرل سيد عاصم منير سان جرمن آرمي چيف ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سڪيورٽي صورتحال ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، ليفٽيننٽ جنرل الفوناس ماس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو.