تازه ترين

آرمي چيف جنرل عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن مددگارن جا ڪــُـڌا ارادا ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجايو

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير  دشمن قوتن ۽ سندن مددگارن جا ڪــُـڌا ارادا ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجايو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي وانا جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس سڪيورٽي جي موجوده صورتحال ۽  دهشتگردي خلاف آپريشنن ۽ ترقياتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف،  آفيسرن ۽  جوانن سان ملاقات دوران خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي تياري ۽ غير معمولي حوصلي جي تقريب ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جنرل عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن مددگارن جا ڪــُـڌا ارادا ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجايو. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج پوليس جي سگهه وڌائڻ لاءِ مستقل مدد ۽ فني سهڪار فراهم ڪندي رهندي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان انٽيگريٽڊ ڊولپمينٽ پلان تحت امن امان برقرار رکڻ ۽ مختلف رٿائون اڳتي وڌائڻ ۾ خيبرپختونخوا جي عوام جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. جنرل عاصم منير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قبائلي اڳواڻن جي حمايت ۽  پاڪ فوج سان سهڪار تي سندن ٿورا مڃيا. ان کان اڳ وانا آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف جنرل عاصم منير جي آجيان ڪئي ۽ هن شهيدن جي يادگارن تي گلن جي چادر پڻ چاڙهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون