- Advertisement -
ساماري جي چوهاڻ پاڙي ۾ پراسرار نموني ڪات مٿان ڪِرڻ سبب ڳلو وڍجڻ جي نتيجي ۾ نينگري فوت ٿي وئي آهي.
عظميٰ چوهاڻ پراسرار طور ڪات مٿان ڪرڻ سبب ڳلو وڍجڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پئي، جنهن کي ايل ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
والد جو چوڻ هو ته نياڻي گهر اندر ڪم ڪري رهي هئي ته اوچتو مٿس ڪات ڪري پيو، نتيجي ۾ ڳلو وڍجڻ سبب نينگري زخمي ٿي پئي.
والد جو چوڻ هو ته زخمي نينگريءَ کي ڄامشورو اسپتال نيو ويو جتي هوءَ فوت ٿي وئي آهي.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
