- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن مددگارن جا ڪــُـڌا ارادا ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجايو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي وانا جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس سڪيورٽي جي موجوده صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف آپريشنن ۽ ترقياتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.
آرمي چيف، آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات دوران خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي تياري ۽ غير معمولي حوصلي جي تقريب ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جنرل عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن مددگارن جا ڪــُـڌا ارادا ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجايو.
آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج پوليس جي سگهه وڌائڻ لاءِ مستقل مدد ۽ فني سهڪار فراهم ڪندي رهندي.
آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان انٽيگريٽڊ ڊولپمينٽ پلان تحت امن امان برقرار رکڻ ۽ مختلف رٿائون اڳتي وڌائڻ ۾ خيبرپختونخوا جي عوام جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
جنرل عاصم منير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قبائلي اڳواڻن جي حمايت ۽ پاڪ فوج سان سهڪار تي سندن ٿورا مڃيا.
ان کان اڳ وانا آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف جنرل عاصم منير جي آجيان ڪئي ۽ هن شهيدن جي يادگارن تي گلن جي چادر پڻ چاڙهي.- Advertisement -
