تازه ترين

آرمي چيف جنرل عاصم منير سان روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير جي ملاقات

آرمي چيف جنرل عاصم منير سان روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير ڪرنل جنرل اليگزينڊر وي فومين ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻه طرفي دفاعي ۽ سڪيورٽي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران علاقائي سڪيورٽي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت به ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير روس سان روايتي دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي ڪاميابين جي ساراهه ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل متفقه طريقيڪار تي زور ڀريو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
26 %
0.6kmh
0 %
آچر
17 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون