تازه ترين

آرمي چيف سان ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جي ملاقات، علائقائي امن ۽ استحڪام تي ڳالهيون

پاڪستان ۽ ترڪيءَ دفاعي سهڪار  وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي دوري تي آيل ترڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف  جنرل متين گورڪ جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران گڏيل دلچسپي ۽ پيشوراڻن معاملن سميت دفاعي سهڪار، فوجي تربيت ۽ علائقائي امن توڙي استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن کي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٻنهي اڳواڻن دفاعي سهڪار کي وڌائڻ جو عزم ڪيو.

ترڪي جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل متين گروڪ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف منهن ڏيڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي ترڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه پڙهي، جڏهن ته پاڪ فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
42 %
0.4kmh
23 %
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون