آزاد ڪشمير لاءِ بجلي۽ اٽو سستو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بعد جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
وفاقي حڪومت احتجاج ڪندڙن جا سمورا مطالبا تسليم ڪري ورتا ۽ مطالبن جي مڃتا کانپوءِ آزاد ڪشمير حڪومت طرفان باضابطا طور پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي.
رليف پئڪيج جي اعلان کانپوءِ اٽي جي في مڻ ۾ 11 سئو رپين جي گهٽتائي وئي آهي.
مڻ اٽو 2 هزار ۽ اڌ مڻ اٽو هڪ هزار رپين ۾ فراهم ڪيو ويندو.
گهريلو واهپيدارن لاءِ 100 يونٽ تائين بجلي 3 رپيه في يونٽ مقرر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي اعليٰ حڪومتي شخصيتن لاءِ مراعتن جو نئين سر جائزو وٺڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.
آزاد ڪشمير جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي مطالبن جي مڃتا بعد شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ختم ڪري ڇڏي.
جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران هڙتال ۽ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ بعد اڄ آزاد ڪشمير ۾ ٽرانسپورٽ جزوي طور بحال ٿي وئي آهي.
آزاد ڪشمير لاءِ بجلي۽ اٽو سستو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ختم ڪرڻ جو اعلان
لاڳاپيل خبرون
Pakistan
few clouds
26.1
°
C
26.1
°
26.1
°
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26
°
آچر
28
°
سُومر
30
°
اڱارو
30
°
اربع
30
°