آسٽريليا خلاف پهرين ٽي 20 ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم پرٿ کان برسبين پهچي وئي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ 14 نومبر تي برسبين ۾ کيڏي ويندي.
آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر به پاڪستان کان برسبين پهچي چڪا آهن.
برسبين پهچڻ وارن ۾ عثمان خان، عمير بن يوسف، صاحبزاده فرحان، سفيان مقيم، عباس آفريدي ۽ جهانداد خان شامل آهن.
ون ڊي اسڪواڊ جا 6 رانديگر جيڪي ٽي ٽوئنٽي جو حاصل ناهن اڄ رات پرٿ کان پاڪستان روانا ٿيندا.
ڏيهه واپس ايندڙ رانديگرن ۾ عبدالله شفيق، صائم ايوب، ڪامران غلام، عامر جمال، فيصل اڪرم ۽ محمد حسين شامل آهن.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ 14 نومبر تي برسبين ۾ کيڏي ويندي……….