آسٽريليا چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي 184 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميلبرن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم 340 رنسن جو حدف حاصل ڪندي 155 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي.
ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ دوران ڀارت جا رڳو 2 بيٽسمين ڊبل فگر ۾ پهچي سگهيا.
يشاسوي جيسوال 84 ۽ رشڀ پنت 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
آسٽريليا طرفان ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ اسڪاٽ بولينڊ، ٽي ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون.
چوٿين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ آسٽريليا 474 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته ڀارتي ٽيم 369 رنسون ٺاهي سگهي هئي.
ميزبان ٽيم کي 105 رنسن جي سرسي حاصل هئي.
آسٽريليا جي ٽيم ٻئي اننگز ۾ 234 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ڀارت کي کٽڻ لاءِ 340 رنسن جو حدف ڏنو هو.
آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ آسٽريليا 2 ۽ ڀارت هڪ ميچ کٽي آهي، جڏهن ته هڪ ميچ ڊرا ٿي وئي هئي