- Advertisement -
آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو پاران نئين ديري ويجهو زيبسٽ پاران لڳايل چمڙي جي بيمارين جي علاج لاءِ مفت طبي ڪيمپ جو افتتاح ڪيو ويو.
ڳوٺ مسوديرو ۾ زيبسٽ پاران هڪ ڏينهن لاءِ عورتن، ٻارڙن ۽ چمڙي جي بيمارين جي مفت علاج لاءِ طبي ڪئمپ لڳائي وئي.
آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو پاران طبي ڪئمپ جو افتتاح ڪرڻ بعد علاج لاءِ پهتل عورتن ۽ ٻارڙن سان ملاقات ڪري حال احوال ورتو.
ڪئمپ تي موجود چمڙي، گائني ۽ ٻارڙن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن پاران مريضن جي طبي چڪاس ڪرڻ بعد کين مفت دوائون پڻ فراهم ڪيون ويون.
ان موقعي تي زيبسٽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ اڳوڻو ايم اين اي خورشييد احمد جوڻيجو، ضلعي ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري، پ پ اڳواڻ سردار آغا علي نواز جلباڻي، صوبدار جلباڻي، لالا نظر پٺاڻ، محمد انور ٻرڙو، ڊاڪٽر مسعود بليدي، عاطف ابڙو، زاهد جلباڻي، شاهزيب جلباڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا…….- Advertisement -
