ڪراچيءَ جي عدالت سنڌ اسيمبليءَ جي اسيپڪر ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ بابت ريفرنس ۾ آغا سراج دراني جي ضمانت منظور ڪندي کيس ڏهه لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اسيپڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت 2 سيپٽمبر تي آغا سراج دراني جي ضمانت بابت درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي سندس ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت آغا سراج دراني جي ضمانت منظور ڪندي کيس ڏهه لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر آغا سراج دراني جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي.
سنڌ جي گهرو کاتي، اسپيڪر آغا سراج دراني جي گهر کي سب جيل قرار ڏئي کيس نظر بند ڪري ڇڏيو آهي.