سنڌ جي نگران گھرو وزير حارث نواز چيو آهي ته آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون شروع ڪيون ويون آهن، ڪچي ۾ ڏهارين خلاف جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو.
ٺٽي جي دوري دوران مڪلي با۽ پاس تي ميڊيا سان ڳالھائندي حارث نواز چيو ته سنڌ ۾ امن امان کي بھتر بنائڻ لا۽ پوليس ۽ رينجرس گڏيل طور تي آپريشن ڪندي.
هن چيو ته اڄ کان سنڌ اندر ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جون بدليون ۽ مقريون شروع ڪيون وينديون ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ اندر درگاھن ۽ خانقائن اندر سرچ آپريشن شروع ڪيو ويندو.
نگران گهرو وزير حارث نواز چيو ته شھيد جان محمد مھر جي قاتلن لا۽ ڪوشيشون وٺي رھيا آھيون ڪچي اندر پاڻي ھئڻ سبب آپريشن ۾ ڏکايون پيش اچي رھيون آھن پر ڪافي ھوم ورڪ ڪري چڪا آهن.
هن چيو ته جان محمد مهر ڪيس ۾ جاچ آفيسر نئون مقرر ٿي چڪو آھي جلد قاتل گرفتار ڪري وٺندا.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آھي جيڪا به تاريخ ملندي ته صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ ۾ دير نه ڪندا.
حارث نواز چيو ته جيڪب آباد، شڪارپور ۾ ٽارگيٽ آپريشن جي مڪمل تياري ڪئي ئي آھي ۽ نتجا حاصل ڪرڻ وارو آپريشن ڪندا.
هن چيو ته ٽارگيٽيڊ آپريشن ذريعي جتي ڏوهاري هوندا ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ هو ڪاميابي ماڻيندا، ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي امن جو مرڪز بڻايو ويندو.
حارث نواز چيو ته راڻيپور واقعو نهايت افسوس ناڪ آھي جيڪي مريد پنھنجا ٻچا درگاھن تي ڇڏيا آھن انھن کي واپس ڪرايو ويندو.