تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون شروع ڪيون ويون آهن: حارث نواز

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي نگران گھرو وزير حارث نواز چيو آهي ته آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون شروع ڪيون ويون آهن، ڪچي ۾ ڏهارين خلاف جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو.

 ٺٽي جي دوري دوران مڪلي با۽ پاس تي ميڊيا سان ڳالھائندي حارث نواز چيو ته سنڌ ۾ امن امان کي بھتر بنائڻ لا۽ پوليس ۽ رينجرس گڏيل طور تي آپريشن ڪندي.

هن چيو ته اڄ کان سنڌ اندر ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جون بدليون ۽ مقريون شروع ڪيون وينديون ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ اندر درگاھن ۽ خانقائن اندر سرچ آپريشن شروع ڪيو ويندو.

نگران گهرو وزير حارث نواز چيو ته شھيد جان محمد مھر جي قاتلن لا۽ ڪوشيشون وٺي رھيا آھيون ڪچي اندر پاڻي ھئڻ سبب آپريشن ۾ ڏکايون پيش اچي رھيون آھن پر ڪافي ھوم ورڪ ڪري چڪا آهن.

هن چيو ته جان محمد مهر ڪيس ۾  جاچ آفيسر نئون مقرر ٿي چڪو آھي جلد قاتل گرفتار ڪري وٺندا.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آھي جيڪا به تاريخ ملندي ته صاف شفاف  اليڪشن ڪرائڻ ۾ دير نه ڪندا.

حارث نواز چيو ته جيڪب آباد، شڪارپور ۾ ٽارگيٽ آپريشن جي مڪمل تياري ڪئي ئي آھي ۽ نتجا حاصل ڪرڻ وارو آپريشن ڪندا.

هن چيو ته  ٽارگيٽيڊ آپريشن ذريعي جتي ڏوهاري هوندا ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ هو ڪاميابي ماڻيندا، ڪراچي سميت سڄي سنڌ کي امن جو مرڪز بڻايو ويندو.

حارث نواز چيو ته راڻيپور واقعو نهايت  افسوس ناڪ آھي جيڪي مريد پنھنجا ٻچا درگاھن تي ڇڏيا آھن انھن کي واپس ڪرايو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
25 %
3.1kmh
80 %
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون