- Advertisement -
آمريڪا اتر اولهندي نائيجيريا ۾ داعش جي دهشتگردن خلاف طاقتور ۽ موتمار حملو ڪري ڇڏيو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پيغام ۾ چيو ته جنگ کاتي نهايت درست ۽ ڪامياب حملي ڪيا.
سندس چوڻ هو ته داعش ان علائقي ۾ مسيحن کي اهڙي بي رحمي سان قتل ڪري رهيو آهي جيڪو صدين ۾ ناهي ڏٺو ويو.
ٽرمپ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تشدد بند نه ٿيو ته سخت نتيجا نڪرندا.
آمريڪي پرڏيهي کاتي تازو ئي عيسائين ۽ سندن خاندانن خلاف تشدد ۾ ملوث نائجيرين تي ويزا پابندين جو اعلان پڻ ڪيو آهي.
ٻئي طرف، نائجيريا جي حڪومت جو چوڻ آهي ته هٿياربند گروهه ملڪ ۾ مسلمان ۽ عيسائي برادري ٻنهي کي نشانو بڻائين ٿا……..
- Advertisement -
