- Advertisement -
امريڪا، اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ سرحد ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي تڪرار کي مڪمل جنگ ۾ تبديلي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
امريڪي نيشنل سيڪيورٽي جي ترجمان جان ڪربي جو چوڻ آهي ته اسرائيل تي واضح ڪيو آهي ته هو نٿا سمجهن ته خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪنهن به طرح اسرائيل جي حق ۾ بهتر ثابت ٿي سگھي ٿو.
جان ڪربي چيو ته اسرائيلي وزيراعظم اتر اسرائيلي علائقن ۾ يهودي آبادڪارن جي واپسي تائين آپريشن جاري رکڻ جو چيو آهي پر هو ان کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته جن ماڻهن کي انهن علائقن ۾ واپس آڻڻ چاهين ٿا ڇڪتاڻ ۾ اضافو انهن جي حق ۾ بهتر نٿو ٿي سگھي.
امريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيل سميت خطي ۾ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪوشان آهن.
واضح رهي ته گذريل هفتي دوران اسرائيل ۽ لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي جمعي جي ڏينهن بيروت تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ 45 ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته ان کان اڳ ڪميونيڪيشن ڊوائيسز ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ لبناني تنظيم حزب الله جي ٽن ڪارڪنن سميت 39 سويلينز مارجي ويا هئا ۽ 4 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.- Advertisement -
