تازه ترين

آمريڪا اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ مڪمل جنگ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
امريڪا، اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ سرحد ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي تڪرار کي مڪمل جنگ ۾ تبديلي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو. امريڪي نيشنل سيڪيورٽي جي ترجمان جان ڪربي جو چوڻ آهي ته اسرائيل تي واضح ڪيو آهي ته هو نٿا سمجهن ته خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪنهن به طرح اسرائيل جي حق ۾ بهتر ثابت ٿي سگھي ٿو. جان ڪربي چيو ته اسرائيلي وزيراعظم اتر اسرائيلي علائقن ۾ يهودي آبادڪارن جي واپسي تائين آپريشن جاري رکڻ جو چيو آهي پر هو ان کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته جن ماڻهن کي انهن علائقن ۾ واپس آڻڻ چاهين ٿا ڇڪتاڻ ۾ اضافو انهن جي حق ۾ بهتر نٿو ٿي سگھي. امريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيل سميت خطي ۾ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪوشان آهن. واضح رهي ته گذريل هفتي دوران اسرائيل ۽ لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي جمعي جي ڏينهن بيروت تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ 45 ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته ان کان اڳ ڪميونيڪيشن ڊوائيسز ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ لبناني تنظيم حزب الله جي ٽن ڪارڪنن سميت 39 سويلينز مارجي ويا هئا ۽ 4 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون