آمريڪا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار جان ڪربي چيو آهي ته آمريڪا اڃا تائين ان ڳالهه جي تصديق نه ٿو ڪري سگهي ته حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي شهادت اسرائيل جو ڪم آهي يا نه، هن حوالي سان ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪئي آهي.
هن چيو ته آمريڪا غزه جنگبندي معاهدي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، تازن واقعن جا غزه ۾ جنگبندي جي ڳالهين تي ڪهڙا اثر پوندا، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي.
جان ڪربي چيو ته صدر بائيڊن کي وچ اوڀر جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف آمريڪا پنهنجي شهرين کي لبنان جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ٻن آمريڪي ۽ هڪ برطانوي ايئرلائنز اسرائيل لاءِ پنهنجون اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.