تازه ترين

آمريڪا جو نئون صدر ٽرمپ يا ڪميلا هيرس، فيصلي ۾ باقي 2 ڏينهن

آمريڪا جو نئون صدر ڊونلڊ ٽرمپ يا ڪملا هيرس، فيصلي ۾ باقي 2 ڏينهن رهجي ويا ۽ آمريڪي صدارتي چونڊن لاءِ مهم آخري مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموريٽس جي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس جا هڪٻئي تنقيدي وار جاري آهن.

اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪيرولائنا ۾ ريلي ۾ شرڪت ڪئي جتي شرڪت ڪندڙن پاران پرجوش نعرن سان ٽرمپ کي ڀليڪار چيو ويو.

ريلي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪاميابيءَ جي دعويٰ ڪندي چيو ته بائيڊن ۽ ڪملا هيرس جون معاشي پاليسيون ناڪام رهيون، هو اقتدار ۾ اچي مهانگائي جو خاتمو ۽ آمريڪا کي عظيم ملڪ بڻائيندو، ڏوهارين جي ملڪ ۾ داخلا بند ڪئي ويندي.

ڊيموريٽس جي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس اٽلانٽا ۾ “هڪ صدر ۽ ووٽ رڳو آزادي لاءِ جو نعرو لڳايو” ۽ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي سياسي ڪهاڻي ختم ٿي وئي، عوام ٽرمپ کي رد ڪري ڇڏي، هوءَ آمريڪي عوام جي حقن لاءِ وڙهندي، آمريڪا کي ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي ضرورت آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
few clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
15 %
6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون