تازه ترين

آمريڪا جو نئون صدر ڪير هوندو، صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ سڀاڻي ٿيندي

- Advertisement -
آمريڪا جو نئون صدر ڪير هوندو، صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ سڀاڻي ٿيندي، آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس ۽ اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي. آمريڪي صدارتي چونڊن جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون، بيلٽ باڪس، بيلٽ پيپر ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون پولنگ اسٽيشنن تي پهچايون ويون آهن. صدارتي چونڊن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ووٽ جو حق استعمال ڪندا، جڏهن ته 7 ڪروڙ ماڻهو پولنگ ڏهاڙي کان اڳ ئي ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن. نارٿ ڪيرولينا ۾ ووٽ جي شرح 55 سيڪڙو رڪارڊ، جارجيا ۾ 50 ۽ ٽينيسي ۾ 49 سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ٿيا. ٽيڪساس ۽ فلوريڊا ۾ 47، 47 سيڪڙو ووٽرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، اليڪشن ۾ 435 ايوان نمائندگان جي چونڊ ڪئي ويندي. 33 سينيٽرن ۽ 13 گورنرن جي به چونڊ ٿيندي، دنيا جون نظرون سوئنگ اسٽيٽس تي آهن، اميدوارن جون تڪراري دعوائون به سامهون آيون آهن، لاڳاپيل رياستن جي 93 اليڪٽورل ووٽ انتهائي اهميت جوڳا آهن. اليڪٽورل ڪاليج ۾ ڪملا هيرس کي مجموعي طور تي 224 ۽ ڊونلڊ ٽرمپ کي 219 ووٽ ملڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، آمريڪي مسلمانن ٻنهي صدارتي اميدوارن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون