آمريڪا جي اڳوڻي صدر جمي ڪارٽر جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون آهن.
واشنگٽن جي نيشنل ڪيٿيڊرل ۾ آمريڪا جي اڳوڻي صدر جمي ڪارٽر جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.
آخري رسمن ۾ موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ نائب صدر ڪملا هيرس موجود هئا، جڏهن ته اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما، بل ڪلنٽن، هيلري ڪلنٽن، جارج بش، لورا بش پڻ جمي ڪارٽر جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي جوبائيڊن جو چوڻ هو ته ڪارٽر کي اصول پسندي ۽ انسانيت جي خدمت جي بنياد تي ياد رکيو ويندو