تازه ترين

آمريڪا جي هرمز لنگهه ۾ ايراني حملي جي جواب ۾ هوائي ڪارروائي

- Advertisement -
آمريڪي فوج هرمز لنگهه ۾ ڪمرشل جهاز تي ايران جي مبينا  حملي جي جواب ۾ ايران ۾ هوائي  ڪارروائي ڪئي آهي. سينٽڪام موجب، ايران پاران 25 جون تي سينگاپور جي تجارتي جهاز تي حملو ڪيو ويو ، جنهن جي جواب ۾ ايران تي حملا ڪيا ويا. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ  پاران ڪارروائي دوران ايران جي ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي. سينٽڪام جو چوڻ آهي ته ايران جي ريڊار سسٽم ۽ ميزائل جي ذخيري کي نشانو بڻايو آهي. سينٽڪام موجب واپاري جهازن تي حملو جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ۽ عالمي واپار لاءِ خطرو آهن، هرمز لنگهه ۾ واپاري جهازن کي محفوظ رستو فراهم ڪيو پيو وڃي. سينٽڪام ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ايران سان معاهدي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ خطي ۾ آمريڪي فوج الرٽ آهي. ان کان اڳ امريڪي صدر ٽرمپ ايراني حملي تي رد عمل بابت سوال تي صحافين کي جواب ڏنو هو ته توهان کي پاڻ ئي خبر پئجي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون