تازه ترين

آمريڪا جي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت

امريڪا، پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته امريڪا گذريل هفتي جي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، حملن ۾ سڪيورٽي اهلڪارن سميت عام شهرين کي نشانو بڻايو ويو.

امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، موسى خيل  23 معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو، پاڪستان عوام کي دهشتگردن هٿان وڏو نقصان پهتو آهي، سندس دل حملي جي متاثر ماڻهن جي خاندانن ۽ پيارن سان گڏ آهن.

ميٿو ملر جو چوڻ هو ته علائقائي سلامتي کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ امريڪا ۽ پاڪستان جا گڏيل مفاد آهن، هو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا.

امريڪي ترجمان موجب، پاڪستان جي توانائي کي پورو ڪرڻ مدد ڪرڻ امريڪا جي ترجيح آهي، پاڪستاني حڪومت سان توانائي بابت ڳالهيون جاري رکندا.

ان کان علاوه امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هو ايران خلاف پابنديون جاري رکندا، ايران سان واپاري معاهدن تي غور ڪندڙن کي امڪاني رد عمل کان آگاهه رهڻ جو مشور ڏين ٿا.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون