تازه ترين

آمريڪا وچ اوڀر ۾ آمريڪي اهلڪارن تي حملا برداشت نه ڪندو : لائڊ آسٽن

- Advertisement -
آمريڪي بچاءَ واري وزير لائڊ آسٽن چيو آهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ آمريڪي اهلڪارن تي حملا برداشت نه ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ لائيڊ آسٽن چيو ته کين يقين آهي ته عراق ۾ آمريڪي فوجين تي حملي پويان ايراني حمايت يافته مليشيا جو هٿ آهي. ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر  ۾ وڌيڪ حملا تڪرار، عدم استحڪام ۽ عدم تحفظ کي جنم ڏيندا. پنهنجي بيان ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هنن ايران ۽ اسرائيل سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ته ڪنهن کي به وچ اوڀر ۾ تڪرار کي  نه وڌائڻ گهرجي. آمريڪي پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته غزا جي يرغمالين بابت ڳالهيون قطعي مرحلي ۾ پهچي چڪيون آهن، ڌرين جي معاهدي کي ترت قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
50 %
3.3kmh
20 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون