تازه ترين

آمريڪا پاران باجوڙ حملي جي مذمت

آمريڪا باجوڙ حملي جي مذمت ڪندي آپگهاتي ڌماڪي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر باجوڙ ۾ جي يو آءِ ف جي ڪارنر ميٽنگ ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙا حملا سمورن پرامن ۽ جمهوري سماجن جي توهين آهي.

پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هو حملي ۾ متاثر ماڻهن سان تعزيت جو اظهار ڪن ٿا، پاڪستاني عوام دهشتگردن هٿان تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي.

هـُن دهشتگرد گروپن جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.

هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان سان ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رابطا جاري رهندا.

ميٿيو ملر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هنن طالبان تي واضع ڪيو آهي ته افغانستان دهشتگرد جي اڏي طور استعمال نه ٿئي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون