امريڪي عهديدار دعوى ڪئي آهي ته يمني حوثين جا 11 ڊرون ڪيرايا آهن، جڏهن ته حوثين طرفان فائر ڪيل هڪ ميزائل يمن ڀرسان سمنڊ ۾ ڪـِريو، ميزائل امريڪا لاءِ وڏو خطرو ثابت نه ٿيا.
امريڪي صدر ٽرمپ جي حڪم تي يمن ۾ هوائي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 53 ٿي ويو جڏهن ته زخمين جو انگ 98 تائين پهچي ويو.
حوثين طرفان مال بردار بحري جهازن کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٻئي پاسي گڏيل قومن امريڪا ۽ يمني حوثين کان هڪٻئي تي حملا روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس يمن تي امريڪي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته حوثين طرفان جهازن تي حملي جي ڌمڪين تي به ڳڻتي آهي.