تازه ترين

آمريڪا پاڪستان سميت 75 ملڪن جي شهرين لاءِ اميگرنٽ ويزا پراسيس کي معطل ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
آمريڪا پاڪستان سميت 75 ملڪن جي شهرين لاءِ اميگرنٽ ويزا پراسيس کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا پاڪستان سميت 75 ملڪن جي شهرين لاءِ اميگرنٽ ويزا جو پراسيس روڪي ڇڏيو آهي. آمريڪي پرڏيھي وزارت موجب، انهن 75 ملڪن جي پناھگيرن آمريڪي عوام جي ٽيڪس جي پئسن مان فائدو حاصل ڪيو. آمريڪي ميڊيا موجب، جن ملڪن جي شهرين لاءِ اميگرنٽ ويزا جو پروسيس معطل ڪيو ويو آهي تن ۾ پاڪستان، صوماليا، روس، ايران، افغانستان، برازيل، نائيجيريا، ٿائيلينڊ، شامل آھن. جڏھن تھ عراق، اردن، قازقستان، ڪويت، ڪرغزستان، لبنان، ليبيا، نيپال، ڪانگو، روانڊا، سوڊان، شام، تنزانيا ۽ ازبڪستان جي شھرين لاءِ بھ اميگرنٽ ويزا پروسيس روڪيو ويو آھي. آمريڪي ميڊيا موجب، معطلي 21 جنوري کان شروع ٿيندي، آمريڪي سفارتخانن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيستائين پرڏيھي وزارت پنهنجي طريقيڪار جو جائزو نه وٺي، تيستائين موجوده قانونن تحت ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو وڃي. ٻئي طرف، آمريڪي پرڏيھي وزارت ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو ته پابندي ان وقت تائين برقرار رهندي جيستائين آمريڪا اهو يقيني نه بڻائي ته نوان پناھفير آمريڪي عوام جي دولت جو ناجائز فائدو نٿا کڻن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته انهن ملڪن مان ايندڙ ڪيترائي پناھگير آمريڪا ۾ پهچڻ سان ئي رياست تي بار بڻجي ويندا آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
32 %
0.9kmh
0 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون