تازه ترين

آمريڪا پاڪستان ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف ڪنهن به سازش ۾ ملوث ناهي : ميٿيو ملر

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف ڪنهن به سازش ۾ ملوث ناهي.

ميٿيو ملر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪي دستاويز سامهون آيا آهن انهن تي هو تبصرو نه ڪندو.

هن چيو ته پاڪستاني سفارتڪارن سان خانگي ڳالهه ٻولهه بابت نٿو ڳالهائي سگھي، جيڪي دستاويز سامهون آيا آهن انهن مان به ثابت نه ٿو ٿئي ته آمريڪا ڪنهن پاڪستاني اڳواڻ جي چونڊ ڪئي آهي يا نه.

ميٿيو ملر چيو ته اڳوڻو پاڪستاني سفير به چئي چڪو آهي ته آمريڪا تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن.

آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، آمريڪا پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم جي روس جي دوري تي خدشن جو اظهار ڪيو هو، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم يوڪرين تي روس جي حملي واري ڏينهن تي دورو ڪيو،

هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به جمهوري اصولن ۽ قانون جي حڪمراني جو مطالبو ڪن ٿا، هو پاڪستاني حڪومت سان ڳالهيون جاري رکندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون