- Advertisement -
آمريڪا ڊگھي فاصلي تائين مار ڪندڙ بليسٽڪ ميزائلن جي تياري جي حوالي سان پاڪستان جي چئن ادارن تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ڏيندي امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر جو چوڻ هو ته انهن چئن پاڪستاني ادارن تي الزام آهي ته انهن پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏني آهي.
سندس چوڻ هو ته ان مدد ۾ خاص وهيڪل چيسز جي تياري به شامل آهي، جيڪا بيلسٽڪ ميزائلن جي لانچنگ لاءِ استعمال ڪئي ويندي، ان کان علاوه ڪراچي جي ٽن ادارن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي.
آمريڪي پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن ۽ ان جي پهچ جي ذريعن تي ڪارروائي ڪئي ويندي- Advertisement -
