تازه ترين

آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن  جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي 75 رپين جو يادگاري سڪو جاري

بئنڪ دولت پاڪستان پاڪ آمريڪا سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ 75رپين  جو يادگاري سڪو جاري ڪيو.

تقريب ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوچ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اهو سڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ لاڳاپن سان گڏوگڏ روشن مستقبل لاءِ عزم کي ظاهر ڪري ٿو.

هن يادگاري سڪو جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ جا ٿورا مڃيا ۽ حڪومت سان ويجهن لاڳاپن جي اميد ظاهر ڪئي.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته يادگاري سڪو جاري ٿيڻ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو.

پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو ته سڪي تي موجود پاڪستان ۽ آمريڪا  جون قومي علامتون ٻنهي ملڪن جي جمهوري بنيادن کي ظاهر ڪن ٿيون.

اهو سڪو 25 آگسٽ جي ايس بي پي بينڪنگ سروس ڪارپوريشن جي ڪائونٽر تان جاري ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون