تازه ترين

آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن  جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي 75 رپين جو يادگاري سڪو جاري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بئنڪ دولت پاڪستان پاڪ آمريڪا سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ 75رپين  جو يادگاري سڪو جاري ڪيو.

تقريب ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوچ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اهو سڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ لاڳاپن سان گڏوگڏ روشن مستقبل لاءِ عزم کي ظاهر ڪري ٿو.

هن يادگاري سڪو جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ جا ٿورا مڃيا ۽ حڪومت سان ويجهن لاڳاپن جي اميد ظاهر ڪئي.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته يادگاري سڪو جاري ٿيڻ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو.

پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي چيو ته سڪي تي موجود پاڪستان ۽ آمريڪا  جون قومي علامتون ٻنهي ملڪن جي جمهوري بنيادن کي ظاهر ڪن ٿيون.

اهو سڪو 25 آگسٽ جي ايس بي پي بينڪنگ سروس ڪارپوريشن جي ڪائونٽر تان جاري ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.4 ° C
28.4 °
28.4 °
33 %
3kmh
5 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون